ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ 18 ورهين جي ناري مصباح جي پراسرار فوتگي جو واقعو سامهون آيو آهي، جڏهن ته وارثن سندس مڙس شهريار تي سخت تشدد ۽ ڌمڪين جا الزام هنيا آهن.
وارثن موجب مصباح لڳ ڀڳ چار مهينا اڳ گهر وارن جي مرضي کانسواءِ ملير واسي شهريار سان شادي ڪري گهران نڪري وئي هئي. نينگري جي ماءُ ۽ ڀاءُ عثمان جو چوڻ آهي ته شادي کان ڪجهه عرصي پوءِ شهريار مصباح تي تشدد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مختلف مطالبا ڪندو رهندو هو.
وارثن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدار کين به ڌمڪيون ڏيندو هو ۽ واٽس ايپ ذريعي خوفناڪ پيغام موڪليندو هو. سندن چوڻ آهي ته مصباح ڪيترائي ڀيرا پنهنجي مڙس جي مبينا ظلم بابت شڪايت ڪئي هئي.
مقتولا جي ڀاءُ عثمان موجب 2 ڏينهن اڳ کين اطلاع مليو ته مصباح زخمي حالت ۾ ملي آهي، جنهن بعد کيس گهر آندو ويو. هن دعويٰ ڪئي ته مصباح جي مٿي تي زخم هئا ۽ هن ٻڌايو هو ته مڙس کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
وارثن موجب سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات مصباح جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ هوءَ فوت ٿي وئي.
ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب پوسٽ مارٽم ۽ قانوني ڪارروائي بابت وارثن جو رويو به جاچ هيٺ آهي، جڏهن ته ايس ايس پي ويسٽ جي هدايتن کانپوءِ ڪيس داخل ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت شاهديون ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته نينگري جي فوتگي جي اصل سببن جو تعين جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٿي سگهندو.

ڪراچي ۾ وارثن جي مرضي خلاف شادي ڪندڙ ناري کي مڙس تشدد ڪري ماري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

