ميرپورخاص (رپورٽ: امجد خاصخيلي) ميرپورخاص جي فرسٽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ليڊي پوليس اهلڪار مهوش جروار جي قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پوليس اهلڪار محمد يوسف کوسي کي 25 سال قيد ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.
عدالت ساڳئي ڪيس ۾ نامزد جوابدار ۽ مقتولا جي مڙس گل محمد پٺاڻ کي بري ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته اپريل 2025ع ۾ ميرپورخاص سينٽرل جيل جي ڪوارٽرز مان مهوش جروار جو ڦاهو لڳل لاش مليو هو، جنهن کي شروعاتي طور آپگهات قرار ڏنو ويو هو، جڏهن ته بعد ۾ مقتولا جي ماءُ ياسمين جروار جي فرياد تي سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ميرپورخاص: عورت اهلڪار مهوش جروار قتل ڪيس جو فيصلو، جوابدار اهلڪار کي 25 سال قيد جي سزا
Leave a Comment Leave a Comment

