پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سعودي عرب ۾ عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺاهيندو

2 Min Read

رياض (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جدي ۾ هڪ جديد عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم اڏڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ان ڏس ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن وچ ۾ ڪرڪيٽ جي واڌاري ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقيءَ لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

معاهدي تي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي ۽ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين صحيحون ڪيون.

ايم او يو موجب، ٻئي ادارا ڪرڪيٽ انفراسٽرڪچر جي اڏاوت، آپريشنل معيارن، صلاحيتن ۾ واڌاري ۽ راند کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪندا.

ان موقعي تي پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سعودي عرب ۾ ڪرڪيٽ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري ٿو.

هن چيو ته هي ڀائيواري نه رڳو ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا پڻ مضبوط ڪندي.

معاهدي تحت جديد اسٽيڊيم جي اڏاوت کانسواءِ سعودي عرب ۾ نوجوان رانديگرن جي سکيا ۽ کين نوان موقعا فراهم ڪرڻ تي به خاص ڌيان ڏنو ويندو.
سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن جي چيئرمين چيو ته هي منصوبو ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي روشن مستقبل لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment