ڀريا ويجهو ٽرالر جي ٽڪر ۾ واٽهڙو شخص فوت

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) ڀريا ويجهو قومي شاهراهه جي باءِ پاس تي تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ واٽهڙو فوت ٿي ويو.

پوليس موجب ڪلهوڙا ڪالوني جو رهواسي 48 ورهين جو اقبال ڪلهوڙو زمين تان گاهه کڻي واپس ايندي روڊ پار ڪري رهيو هو ته تيز رفتار ٽرالر کيس چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.

حادثي کان پوءِ ٽرالر جو ڊرائيور گاڏي سميت فرار ٿي ويو، جڏهن ته شهرين فوتي جو لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي.

حادثي جي اطلاع ملندي ئي فوتي جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار ڊرائيور ۽ ٽرالر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment