پنجن سالن کان آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن: بدين ۾ آءِ بي اي پاس اميدوارن جو احتجاج

1 Min Read

بدين (رپورٽ: اسحاق شيخ) بدين تعلقي جي آءِ بي اي پاس جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي اميدوارن آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

غلام قادر سومرو، اسدالله بروهي، غلام نبي چاوڙو، جاويد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندڙ اميدوارن چيو ته ضلعي جي ٻين سڀني تعلقن جي ڪامياب اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، پر بدين تعلقي جي 88 اميدوارن کي گذريل پنجن سالن کان نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هو بيروزگاري، مايوسي ۽ ذهني پريشاني جو شڪار آهن.

احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته ضلعي جي تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن جي نااهلي سبب 88 اميدوار پنهنجن جائز حقن کان محروم آهن. هنن چيو ته هڪ پاسي حڪومت هزارين استادن جي ڀرتين جا اعلان ڪري رهي آهي، جڏهن ته آءِ بي اي پاس اميدوار پنجن سالن کان آفر آرڊرن جا منتظر آهن.

مظاهرين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي بدين تعلقي جي 88 پاس اميدوارن کي بنا دير آفر آرڊر جاري ڪري نوڪريون فراهم ڪيون وڃن.

Share This Article
Leave a Comment