اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) حساس ادارن ۽ ضلعي انتظاميا گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪڻڪ جي مبينا غيرقانوني ذخيره اندوزي خلاف آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ هٿ ڪري 10 کان وڌيڪ گودام سيل ڪري ڇڏيا.
اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو عشرت ظاهره، ڊي ايف سي نثار ميمڻ ۽ فوڊ انسپيڪٽر زبير ڪلوڙ جي نگراني ۾ مختلف هنڌن تي قائم گودامن جي جاچ ڪئي وئي، جتي وڏي مقدار ۾ ذخيرو ڪيل ڪڻڪ هٿ آئي. ڪارروائي دوران گودامن جو رڪارڊ ۽ لاڳاپيل دستاويز پڻ تحويل ۾ ورتا ويا.
انتظاميا الله وسايو چاچڙ، رياض احمد شيخ، عامر ٿهيم ۽ ٻين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
ان موقعي تي آفيسرن چيو ته هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڪڻڪ جون قيمتون وڌائڻ ۽ ناجائز منافعي خوري ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هنن ٻڌايو ته حڪومت جي هدايتن موجب ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائين جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويو آهي ۽ ٻين شڪي گودامن جي به سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن شهرين انتظاميا جي ڪارروائي کي ساراهيندي مطالبو ڪيو آهي ته اهڙيون ڪارروائيون مستقل بنيادن تي جاري رکيون وڃن، جيئن عوام کي ڪڻڪ ۽ اٽو مناسب اگهن تي دستياب ٿي سگهي.


