وٽامن سي جي کوٽ دماغي صحت تي منفي اثر وجهي سگهي ٿي: تحقيق

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته جسم ۾ وٽامن سي جي کوٽ نه رڳو مدافعتي نظام کي متاثر ڪري ٿي، پر دماغي صحت لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

تحقيقي جرنل پلوس ون ۾ شايع ٿيل مطالعي موجب، وٽامن سي جي گهٽ سطح رکندڙ بزرگ ماڻهن جي دماغن ۾ اهڙيون تبديليون ڏٺيون ويون آهن، جيڪي دماغي تنزلي سان لاڳاپيل سمجهيون وڃن ٿيون.

محققن 65 سال يا ان کان وڌيڪ عمر وارن لڳ ڀڳ 2 هزار ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. مطالعي دوران شرڪت ڪندڙن جا ايم آر آئي اسڪين ۽ رت جا نمونا جانچيا ويا، جن جي مدد سان دماغي بناوت ۽ رت ۾ موجود وٽامن سي جي سطح جو مقابلو ڪيو ويو.

تحقيق مان ظاهر ٿيو ته وٽامن سي جي کوٽ خاص طور تي دماغ جي انهن حصن تي منفي اثر وجهي ٿي، جيڪي يادگيري، فيصلو سازي ۽ روزمره ذهني صلاحيتن سان لاڳاپيل آهن.

محققن جو چوڻ آهي ته وٽامن سي جي کوٽ ۽ دماغي تنزلي جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپو نظر اچي ٿو، پر اڃا تائين اهو حتمي طور ثابت ناهي ٿيو ته اها کوٽ سڌي طرح دماغي تنزلي جو سبب بڻجي ٿي.

واضح رهي ته وٽامن سي هڪ اهم اينٽي آڪسيڊنٽ طور ڪم ڪندي جسم ۾ آڪسائيڊيٽو دٻاءُ ۽ سوزش کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ماهرن موجب دماغ آڪسائيڊيٽو دٻاءُ کان گهڻو متاثر ٿيندو آهي، تنهن ڪري وٽامن سي دماغي نيورونز کي نقصان کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.

ماهرن عوام کي صلاح ڏني آهي ته هو متوازن غذا ذريعي وٽامن سي جي مناسب مقدار حاصل ڪن ته جيئن جسماني صحت سان گڏ دماغي صحت کي به بهتر بڻائي سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment