اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊن لاءِ باضابطه چونڊ اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هي اتحاد ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ سياسي تعاون جي نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته سندن خواهش آهي ته ڪشمير جا مسئلا پرامن ۽ جمهوري طريقي سان حل ڪيا وڃن، جڏهن ته ڪشمير جي عوام جا جائز مسئلا پارليامينٽ ۽ چونڊن جي عمل ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، نه ڪي روڊن تي احتجاج ۽ انتشار ذريعي.
بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته کين هميشه مولانا جي سياسي تجربي مان سکڻ جو موقعو مليو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڏکين حالتن ۾ مولانا فضل الرحمان جو مثبت ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اپوزيشن ۾ ويهي به مولانا ملڪ جي بهتري لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ته حڪومت ۽ ٽريزري بينچن تي ويٺل هو به ساڻن ڳالهين لاءِ تيار آهن.
هن چيو ته آزاد ڪشمير جي چونڊن جو اعلان ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته اهي چونڊون پرامن، شفاف ۽ تڪرارن کان پاڪ هجن، جيئن ڪشمير جي عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن زور ڀريو ته لانگ مارچ، هڙتالن ۽ احتجاجن بدران مسئلن کي جمهوري انداز سان اجاگر ڪيو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو اهو ڏينهن ڏسڻ چاهين ٿا، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) بلوچستان، سنڌ ۽ آزاد ڪشمير ۾ گڏجي حڪومتون قائم ڪن. هن مولانا فضل الرحمان کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي پارٽي سان مشاورت ڪن، جيئن جتي به اتحاد جي ضرورت هجي، ٻئي پارٽيون گڏجي ڪم ڪري سگهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۾ پيدا ٿيل بحران جي حل لاءِ وفاقي حڪومت، آزاد ڪشمير حڪومت ۽ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. احتجاج ڪندڙن کي سندس پيغام هو ته هو پرامن رهن، جڏهن ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن جي همت افزائي نه ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻتہ مسئلن جو حل پارليامينٽ ۽ چونڊن جي جمهوري عمل ۾ ئي موجود آهي.


