55 کان گهٽ نمبر حاصل ڪندڙ جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي اميدوارن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو: سردار شاهه

2 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ڀرتين واري معاملي تي اسپيشل ڪميٽي ۾ شامل ميمبرن بهتر انداز ۾ ڪيس پيش ڪيو.

تعليم واري وزير چيو ته تعليم کاتو روزگار فراهم ڪرڻ جو واحد ذريعو ناهي، پر هارڊ ايريا ۾ صورتحال ڏسجي ته اتي ڪيترن ئي علائقن ۾ مقامي ماڻهو استاد طور ڀرتي نه ٿي سگهيا آهن.

هن چيو ته استادن جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي 93 هزار ڀرتين جي ضرورت پيش آئي، ڇو ته اسڪولن ۾ استادن جي وڏي کوٽ موجود هئي.

تعليم واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سائنس ٽيچر جو ڌار ڪيڊر قائم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جونيئر سائنس ٽيچرز لاءِ آءِ بي اي طرفان فائنل لسٽ جاري نه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته هاڻي 55 کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪندڙ سائنس ٽيچرز کي ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ارلي چائلڊ هوڊ ٽيچرز (اي سي ٽي) بابت هن چيو ته عدالت جي حڪم موجب 55 کان گهٽ نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي نه ڪيو ويندو.

تعليم واري وزير چيو ته حيدرآباد ۾ هر 20 ٻارن لاءِ هڪ استاد موجود آهي، جڏهن ته تعليم جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي.

هن ڪميٽي جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ميمبرن سندن موقف غور سان ٻڌو، رڳو نوجوانن جي ڳالهه نه پر حڪومت ۽ تعليم کاتي جي موقف کي به ٻڌڻ گهرجي.

Share This Article
Leave a Comment