نوشهرو فيروز (رپورٽر) ڀرياروڊ ڀرسان لاکاروڊ ريلوي اسٽيشن وٽ لاهور کان ڪراچي ويندڙ قراقرم ايڪسپريس جي انجڻ اوچتو فيل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ جي قهر جي گرمي ۾ سوين مسافر پريشان ٿي ويا ۽ معصوم ٻارڙا توڙي عورتون بيحال بڻجي ويا.
رابطو ڪرڻ تي ريلوي انتظاميا ٻڌايو ته شديد هيٽ ويو ۽ سخت گرمي سبب هلندڙ ٽرين جو انجڻ فيل ٿيو، جنهن بعد متبادل انجڻ لاءِ روهڙي اسٽيشن سان رابطو ڪيو ويو.
انجڻ فيل ٿيڻ سبب ڊائون ٽريڪ تي ريلوي نظام مڪمل طور ڊانوانڊول ٿي ويو ۽ پويان ايندڙ ڪيترن ئي مسافر ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو، جنهن ڪري انهن اسٽيشنن تي موجود مسافر پڻ سخت گرمي ۾ عذاب جو شڪار بڻيل رهيا.
ٻئي پاسي، مسافرن جي سخت دانهون ڪرڻ تي اٽڪل ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن هڪ مال گاڏي ڀرياروڊ اسٽيشن تي پهتي، ته ريلوي انتظاميا هنگامي طور ان مال بردار ٽرين جي انجڻ ڪڍي قراقرم ايڪسپريس کي لڳايو، جنهن بعد مسافر ٽرين کي ڪراچي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.

ڀرياروڊ ويجهو قراقرم ايڪسپريس جي انجڻ فيل: سخت گرمي ۾ مسافر بيحال
Leave a Comment Leave a Comment

