ڀرياروڊ ۾ طوفاني برسات بعد نيڪالي جو نظام ناڪام، وارڊ 3 سميت اڪثر علائقا پاڻي هيٺ

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ڀرياروڊ ۾ گذريل رات پيل طوفاني برسات کان پوءِ ٽائون انتظاميا جو نيڪالي نظام مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ڪري شهر جي وارڊ نمبر 3 سميت اڪثر علائقن ۾ برساتي ۽ نالين جو گندو پاڻي بيهجي ويو آهي.
پاڻي روڊن، گهٽين ۽ گهرن جي اڱڻن تائين پهچڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشاني جو شڪار آهن.
شهرين دانهيندي چيو آهي ته پاڻي بيهڻ ۽ گندگي جي ڪري مڇرن جي واڌ ويجهه ٿي رهي آهي، جنهن سان مليريا ۽ ڊينگي جهڙيون بيماريون ڦهلجڻ جو سخت خدشو آهي.
هنن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽائون چيئرمين عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ بدران صرف فوٽو سيشن تائين محدود آهي ۽ ڪو به عملي قدم نظر نٿو اچي.
متاثر شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور پاڻي جي نيڪالي ۽ نالن جي صفائي ڪرائي شهر کي وبائي بيمارين کان بچايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment