نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز ۾ برسات کان پوءِ رات جي وقت مختلف علائقن ۾ بجلي جون تارون ڪري پيون آهن، جنهن ڪري شهر جي وڏي حصي جي بجلي معطل ٿي وئي آهي.
سيپڪو جو عملو متاثر ٿيل تارن جي مرمت ڪرڻ ۽ بجلي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي علائقا اڃا تائين اونداهي ۽ تڪليف جو شڪار آهن.
ٻئي پاسي، بجلي جي ڊگهي بندش ۽ سخت گرمي جي شدت سبب شهرين جو وڏو انگ برف خريد ڪرڻ لاءِ دڪانن جو رخ ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري برف جي اسٽالن تي سخت رش ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.
شهرين دانهيندي چيو آهي ته هڪ طرف گرمي پد وڌيل آهي ۽ ٻئي طرف سيپڪو جي نااهلي سبب کين سخت ذهني توڙي جسماني تڪليف جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.
عوام اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي فراهمي فوري طور تي بحال ڪئي وڃي.

نوشهروفيروز ۾ برسات بعد بجلي جون تارون ڪري پيون، بجلي جي ڊگهي بندش
Leave a Comment Leave a Comment

