ڀٽ شاهه: رورل هيلٿ سينٽر ۾ مبينا غفلت سبب پرائمري ماسترياڻي ٻار سميت فوت ٿيڻ خلاف احتجاج

2 Min Read

ڀٽ شاهه(علي رضا ميرجت) رورل هيلٿ سينٽر ڀٽ شاهه ۾ مبينا طور وقت سر علاج نه ملڻ ۽ ڊاڪٽرن جي غفلت سبب پرائمري اسڪول ٽيچر حنا بانو سولنگي پنهنجي پيٽ ۾ موجود ٻار سميت فوت ٿي وئي. واقعي خلاف وارثن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا الله والا چوڪ کان ٿيندي تنبورا چوڪ تي پهتي.

احتجاجي ريلي ۾ اسڪول جي شاگردن سميت سياسي، سماجي ۽ مذهبي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين واقعي ۾ مبينا غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

وارثن جو چوڻ آهي ته حنا بانو سولنگي کي ٽي ڏينهن اڳ علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ڀٽ شاهه آندو ويو، جتي هوءَ مبينا طور لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين سخت تڪليف ۾ تڙپندي رهي، پر اسپتال عملي سندس حالت کي سنجيدگي سان نه ورتو.

وارثن موجب حنا بانو جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، پر حيدرآباد منتقل ڪرڻ دوران هوءَ پنهنجي پيٽ ۾ موجود ٻار سميت فوت ٿي وئي.

واقعي کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود وارثن جو الزام آهي ته انتظاميا طرفان اڃا تائين ڪنهن به ذميوار خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

وارثن ۽ سياسي، سماجي توڙي مذهبي اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته رورل هيلٿ سينٽر ڀٽ شاهه جي ايڊمنسٽريٽر، مبينا طور ذميوار ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment