پي ٽي آءِ باني طبي معائني کانپوءِ واپس اڊيالا جيل منتقل:عطا تارڙ

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني کي طبي معائني لاءِ الشفا انٽرنيشنل اسپتال منتقل ڪرڻ کانپوءِ جمعي جي صبح واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

حڪومتي اختيارين موجب پي ٽي آءِ باني کي آڌي رات کانپوءِ اڊيالا جيل مان اسلام آباد جي الشفا انٽرنيشنل اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس طبي معائنو ڪيو.

سڌ سماءَ اوري وفاقي وزير عطا تارڙ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اکين جي ماهر، دل جي ماهر ۽ فزيشن سميت قابل ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ باني جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو ۽ کيس طبي طور تي صحتمند قرار ڏنو.

عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عظميٰ خان معائني ۽ علاج دوران مسلسل موجود رهي.

طبي معائني کانپوءِ قيدي کي 20 ۽ 21 آگسٽ جي وچ واري رات پنجين وڳي واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment