ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) ڪوٽڙي ۾ گذريل ڏينهن جهيڙي دوران گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل برفت برادري جي نوجوان دلشاد برفت جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ ڌڻي بخش باريجو، اسماعيل باريجو، عظيم باريجو، اسلم باريجو، شريف باريجو ۽ سرمد باريجو سميت 6 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 7 کان وڌيڪ اڻڄاتل جوابدارن کي به ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.


