ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لياقت آباد 10 نمبر پل وٽ سنڌ گورنمينٽ اسپتال ڀرسان ٽرالر جي موٽرسائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ مرد سخت زخمي ٿي پيو. حادثي کانپوءِ موقعي تي موجود ماڻهن ڪاوڙ ۾ اچي ٽرالر کي باهه ڏئي ڇڏي.
اطلاع ملڻ تي امدادي ٽيمون ۽ پوليس پهچي ويا، زخمي مرد ۽ فوت ٿيل عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته فائر ٽينڊر ذريعي ٽرالر ۾ لڳل باهه وسائي وئي. ٽرالر ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.
ذريعن موجب، عورت جي سڃاڻپ فائزا ۽ زخمي مرد جي سڃاڻپ فهيم احمد جي نالي سان ٿي آهي.


