هنڱورجا ۾ وياجين جي مبينا آزار سبب نوجوان زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري) هنڱورجا ۾ مبينا طور وياجين جي تنگ ڪرڻ سبب هڪ نوجوان زهريليون گوريون کائي زندگي وڃائي ويٺو.

هنڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ سيٺارجا روڊ ڀرسان ڳوٺ ڍنڍي جو رهواسي 25 ورهين جو زين علي منگي ولد الهڏنو منگي ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور وياجين کان تنگ ٿي زهريليون ٽڪيون کائي زندگي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

وارثن موجب نوجوان کي علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، جتي هو زندگي جي جنگ هارائي ويو.

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خيرپور ضلعي ۾ وياجين جي مبينا آزار سبب اڳ به ڪيترائي نوجوان انتهائي قدم کڻي چڪا آهن، پر وياجين خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب مسئلو برقرار آهي.

شهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته وياج خورن خلاف سخت قدم کنيا وڃن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment