ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

3 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي به جنگ جي خاتمي لاءِ جاري ڳالهين واري عمل ۾ شامل آهن ۽ هو ساڻن ملاقات ڪرڻ چاهي ٿو۔

آمريڪي اخبار نيويارڪ پوسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ زور ڏيندي چيو ته مجتبيٰ خامنه اي امن ڳالهين جي عمل جو حصو آهن، هو يقيناً شامل آهن ۽ ان بابت ڪنهن به قسم جو شڪ ناهي۔

هن مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته ايران جا عوام ۽ حڪومت به سندس فيصلن جو احترام ڪن ٿا۔

سپريم ليڊر جي صحت بابت سوال جي جواب ۾ صدر ٽرمپ چيو ته سندس ڪڏهن به مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات ناهي ٿي، تنهنڪري هو سندن صحت بابت يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهي۔

تنهن هوندي به آمريڪي صدر ڪجهه ميڊيا رپورٽن جو حوالو ڏيندي طنزيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن افواهن تي يقين ڪيو وڃي ته مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي جسم جي ڪيترن ئي حصن کان محروم ٿي چڪا آهن۔

صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو مجتبيٰ خامنه اي سميت سڀني لاڳاپيل اڳواڻن سان ملڻ چاهيندو ۽ ممڪن آهي ته مستقبل ۾ ڪنهن وقت اهڙي ملاقات به ٿي وڃي، جنهن جو دارومدار حالتن جي رخ تي هوندو۔

هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ممڪن معاهدي بابت ڳالهيون جاري آهن۔

ان کان اڳ صدر ٽرمپ هڪ ٻي تازي انٽرويو ۾ اهو به دعويٰ ڪيو هو ته ايران اصولي طور تي جوهري هٿيار نه ٺاهڻ واري موقف سان اتفاق ڪيو آهي، جيتوڻيڪ ان حوالي سان ايراني اختيارين طرفان ڪا باضابطه تصديق سامهون ناهي آئي۔

ياد رهي ته مارچ ۾ ايران جو نئون سپريم ليڊر بڻيل مجتبيٰ خامنه اي اڃا تائين عوامي منظر تي ظاهر نه ٿيو آهي ۽ سندس لکيل پيغام سرڪاري نيوز چينلن تي پڙهي ٻڌايا ويندا آهن۔

رپورٽن موجب فيبروري جي آخري ڏينهن اسرائيل جي هوائي حملي ۾ سندس والد ۽ اڳوڻو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي عسڪري قيادت سميت مارجي ويا هئا۔

آمريڪي ميڊيا ۽ ڪجهه اختيارين طرفان اها دعويٰ پڻ ڪئي ويندي رهي آهي ته مجتبيٰ خامنه اي به ان حملي ۾ زخمي ٿيا هئا ۽ سندن ڄنگهه تي سخت زخم آيو هو۔

Share This Article
Leave a Comment