اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ نئين مالي سال 2026-27 جي وفاقي بجيٽ بابت هڪ اهم مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي بجيٽ تجويزن ۽ تحفظات تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔
پيپلز پارٽي جي وفد ۽ حڪومتي وزيرن وچ ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ اتحادي جماعت جي خدشن تي غور ڪيو ويو۔
ذريعن موجب اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني حڪومت جي نمائندگي ڪئي، جڏهن ته پيپلز پارٽي طرفان نويد قمر ۽ سينيٽر شيري رحمان شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري خزانه ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جو چيئرمين پڻ موجود هو۔
ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران نئين مالي سال جي بجيٽ بابت پيپلز پارٽي جي تجويزن ۽ تحفظات تي تفصيلي غور ڪيو ويو۔
اجلاس ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي نئين سر تنظيم بابت معاملن تي پڻ صلاح مشورا ڪيا ويا۔ذريعن مطابق ايندڙ بجيٽ جي تياري لاءِ اتحادي جماعتن وچ ۾ مشاورت جو عمل جاري رکيو ويندو۔
پيپلز پارٽي جي وفد احسن اقبال سان پڻ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ترقياتي منصوبن ۽ بجيٽ تجويزن بابت خيال ونڊيا ويا۔
ذريعن موجب پيپلزپارٽي ۽ حڪومت وچ ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، هاڻي مامرو سينيئر پارٽي قيادت وچ ۾ بحث هيٺ ايندو.


