ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ترقي ۽ رٿابندي واري وزارت ڌاٻيجي ۾ 3.5 ارب ڊالرن جي لاڳت سان آئل ريفائنري قائم ڪرڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ترقي ۽ رٿابندي واري وزارت ۽ چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) سيڪريٽريٽ موجب، هي منصوبو سي پيڪ جي بي ٽو بي فريم ورڪ تحت هيل تائين جي سڀ کان وڏي نجي سيڙپڪاري جو معاهدو آهي.
اعلاميي موجب ريفائنري روزانو هڪ لک بيرل خام تيل صاف ڪري يورو-5 معيار جو ٻارڻ تيار ڪندي. منصوبي سان ٺٽي ضلعي ۽ سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.
منصوبي ۾ 40 لک ٽن پيٽروليم اسٽوريج گنجائش ۽ 50 ميگاواٽ جو ڪيپٽو پاور پلانٽ پڻ شامل آهي. چيني ڪمپنين سنڪيانگ پيٽروليم ۽ سي جي جي سي سان ٽيڪنيڪي ۽ تعميراتي معاهدا طئي ڪيا ويا آهن.
حڪومت موجب مقامي سطح تي ريفائننگ سان پاڪستان جي پيٽروليم شين جي درآمدي بل ۾ نمايان گهٽتائي ايندي، جڏهن ته منصوبي لاءِ حڪومت کي ڪنهن به قسم جي مالي يا سرڪاري ضمانت ڏيڻي نه پوندي.


