پمز سانحو، ڊائريڪٽر سميت 10 آفيسرن کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سانحي پمز جي جاچ رپورٽ جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ذريعن موجب تحقيقاتي ڪميٽي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سميت لاڳاپيل عملي جي 10 آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي.

ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڪيترن ئي سينيئر آفيسرن کي غفلت ۽ لاپرواهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 5 اهم اعليٰ آفيسرن کي به عهدن تان فارغ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر آفيسرن سنگين غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ پمز اسپتال مناسب انتظامي ڍانچي کانسواءِ غير پروفيشنل انداز ۾ هلايو پئي ويو. ڪميٽي آفيسرن جي جاءِ تي اهل ماڻهن جي مقرري ۽ اسپتال لاءِ مستقل گورننگ بورڊ قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي آهي.

رپورٽ موجب باهه لڳڻ وقت نرسري ۾ 15 کان وڌيڪ ٻار هجڻ واري ڳالهه درست ناهي، جڏهن ته باهه کانپوءِ ٿيل ڌماڪي جو سبب آڪسيجن کي قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نرسري ۾ 15 کان وڌيڪ ٻارن جي گنجائش ئي ناهي.

رپورٽ ۾ پمز اسپتال جي طبي سهولتن کي به ناڪافي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته اسپتال ۾ ڪا به شيءِ عالمي معيار موجب ناهي. رپورٽ کي عام ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم کي ڏنو ويو آهي.

ذريعن موجب ذميوار آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ بابت حتمي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف ڪندا. وزيراعظم سانحي بابت رپورٽ تي اجلاس لاهور ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

هوڏانهن صحت واري وزارت جي ذريعن موجب ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز ڊاڪٽر عمران سڪندر کي جامع جاچ مڪمل ٿيڻ تائين عهدي کان الڳ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment