ڪارگو جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل ڪو پائليٽ فيصل جتوئي جي نوان جتوئي ۾ غائباڻي جنازي نماز ادا

1 Min Read

نوشهروفيروز (محمد عادل عباسي) شارجه کان ڪراچي ايندڙ ڪي ٽو ايئرويز جي ڪارگو جهاز حادثي ۾ فوت ٿيل فرسٽ آفيسر (ڪيپٽن) ۽ جهاز جي ڪو پائليٽ فيصل جتوئي جي غائباڻي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ ٺوڙها، نوان جتوئي ڀرسان ادا ڪئي وئي.

جنازي نماز ۾ سياسي، سماجي شخصيتن، علائقي جي معززن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ماڻهن ڪيپٽن فيصل جتوئي جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو.

واضح رهي ته ڪي ٽو ايئرويز جو جهاز 7 جولاءِ تي شارجه کان ڪراچي ايندي اورماڙا ڀرسان سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿي ويو هو.

حادثي واري جهاز ۾ ڪيپٽن رضوان ادريس، فرسٽ آفيسر فيصل جتوئي، ايئرڪرافٽ انجنيئر محمد عارف صديقي، محمد حامد ۽ لوڊ ماسٽر محمد توفيق سوار هئا.

Share This Article
Leave a Comment