ڪراچي جي 89 هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ پوليو بوسٽر مهم جي شروعات

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي 89 هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءُ جي خاص بوسٽر مهم شروع ڪئي وئي آهي.
ايمرجنسي آپريشن سينٽر سنڌ جي ترجمان موجب، هيءَ مهم 24 مئي تائين جاري رهندي، جنهن جو مقصد 10 سالن تائين جي عمر جي اٽڪل 18 لک ٻارن کي پوليو کان مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.
مهم جي خاص ڳالهه جديد جيٽ انجڪٽر ٽيڪنالاجي جو استعمال آهي، جنهن ذريعي سُئيءَ جي استعمال کانسواءِ ويڪسين ٻارن جي چمڙيءَ تائين پهچائي وڃي ٿي، جيڪا تڪليف کان پاڪ آهي.
شهر جي حساس علائقن ۾ مجموعي طور تي 2947 ٽيمون هن مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سرگرم آهن، ته جيئن شهر مان پوليو وائرس جو مڪمل خاتمو ڪري سگهجي.

Share This Article
Leave a Comment