ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مصروف علائقي خالد بن وليد روڊ تي گاڏين جي واپاري ڪرن ڪمار جي مبينا اغوا واري واقعي شهرين ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. اطلاعن موجب نامعلوم هٿياربندن واپاري کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون آئي آهي، جنهن ۾ شڪي ماڻهن کي واردات کان اڳ علائقي جي ريڪي ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.
فوٽيج موجب هڪ شخص جي اشاري تي وڌيڪ ماڻهو گاڏي ۾ پهتا، جنهن کان پوءِ هٿياربند جوابدار واپاري کي زبردستي گاڏي ۾ ويهاري فرار ٿي ويا.
واقعي کان پوءِ شهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
پوليس موجب جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ڪراچي: گاڏين جو واپاري ڪرن ڪمار مبينا طور هٿياربندن پاران اغوا
Leave a Comment Leave a Comment

