تعليمي ادارن ۾هراسمينٽ جا واقعا روڪڻ بابت سپريم ڪورٽ جو اهم فيصلو

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني جي واقعن جي روڪٿام لاءِ اهم فيصلو جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته جيڪو ادارو هراساني کي برداشت ڪري ٿو، اهو پنهنجي تعليمي مشن کان ڀڃڪڙي ڪري ٿو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته شاگردن کي اهڙو پيغام نه ملڻ گهرجي ته طاقت جي بنياد تي بدعنواني کي جائز سمجهيو وڃي يا سچ ڳالهائڻ بدران خاموش رهڻ بهتر آهي. عورت استادن کي مرد ساٿين طرفان جنسي طور هراسان ڪرڻ سنگين جرم، غيرقانوني عمل ۽ قانون، اخلاق ۽ انساني وقار جي کليل ڀڃڪڙي آهي.

ٻه رڪني بينچ، جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا، جن حڪم ڏنو ته هر تعليمي اداري ۾ هراساني خلاف واضح پاليسي، شڪايتن جي رپورٽنگ جو مؤثر نظام ۽ ان هائوس انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي، جيئن متاثر عورت استاد سڌو سنئون پنهنجي شڪايت داخل ڪرائي سگهن.

سپريم ڪورٽ ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کاتي طرفان ڏنل پنجن سالن جي سروس ضبط ڪرڻ واري سزا بحال ڪري ڇڏي، جڏهن ته اپيل دير سان داخل ٿيڻ سبب رد ڪئي وئي.

عدالت هدايت ڪئي ته فيصلي جي ڪاپي وفاقي وزير تعليم، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، اسڪول ۽ هائر ايجوڪيشن جي سيڪريٽرين ۽ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن کي موڪلي وڃي ته جيئن تعليمي ادارن ۾ جنسي هراساني جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

سپريم ڪورٽ تعليم واري وزارت کي پڻ هدايت ڪئي ته هراساني خلاف ضابطه اخلاق سڀني تعليمي ادارن ۾ نمايان هنڌن تي لڳايو وڃي. عدالت واضح ڪيو ته غيراخلاقي تبصرا، جنسي نوعيت جا لطيفا يا پيغام، آوازون ڪسڻ، ملازمت جي فائدن عيوض غيراخلاقي مطالبا، بنا اجازت جسماني رابطي جي ڪوشش يا ڪم جي هنڌ تي خوف ۽ عدم تحفظ وارو ماحول پيدا ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

ياد رهي ته هي ڪيس گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر فيصل آباد جي گريڊ 17 جي ملازم ڪامران خان خلاف هراساني جي الزامن سان لاڳاپيل هو.

Share This Article
Leave a Comment