ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سنڌ رينجرز جي ڪيمپ تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد تنظيم ‘جماعت الاحرار’ جي گرفتار زخمي دهشتگرد اعتراف ڪيو آهي ته هو افغانستان جي علائقي جلال آباد کان آيو آهي.
گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته سندس نالو عثمان علي آهي ۽ ساڻس گڏ 3 ٻيا ساٿي پڻ هئا، جن جا نالا عبدالهادي، جانان ۽ عمر فاروق هئا.
گرفتار دهشتگرد موجب، دهشتگرد جانان پاڪستان رينجرز جي ڪيمپ تي بم اڇلايو هو.
سندس چوڻ هو ته اسان 7 ڏينهن اڳ پاڪستان ۾ باجوڙ جي رهواسي عبدالهادي وٽ آيا هئاسين، جڏهن ته دهشتگرد عبدالهادي مارجي چڪو آهي.
گرفتار دهشتگرد ٻڌايو ته کين هڪ اڏاوت هيٺ عمارت ۾ رکيو ويو هو، حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار عبدالهادي وزيرستان مان کڻي آيو هو.
هن چيو ته مان جڏهن ڀڄي رهيو هئس ته مون کي گولي لڳي ۽ مان اتي ئي ڪري پيس.
گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته سندس تعلق جماعت الاحرار سان آهي، جنهن جي افغانستان ۾ ڪمانڊر جو نالو احرار مولوي آهي. اسان سڀني کي افغانستان ۾ تربيت ڏني وئي هئي. افغانستان ۾ آپگهاتي جيڪٽ ۽ دهشتگردي جي ٻي ٽريننگ عمر قاري ڏني هئي، جڏهن ته ڪراچي اچڻ کان اڳ اسان لاءِ افغانستان مان ئي سمورا انتظام ڪيا ويا هئا.
دهشتگرد عثمان موجب، عبدالهادي سڀ ڪجهه ڄاڻندو هو، هو پهريان به هتي آيو هو. هن چيو ته پهريان اسان کي فوج ۽ رينجرز ۾ فرق معلوم نه هو، هتي اچي رينجرز کان واقف ٿياسين ۽ اسان کي ٻڌايو ويو ته هي سڀ ڪافر آهن.

ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ تي حملي ۾ گرفتار دهشتگرد جا انڪشاف
Leave a Comment Leave a Comment

