اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن کانپوءِ پاڪستان افغان صوبن پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ ڪارروائي ڪندي 25 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ‘ايڪس’ تي بيان جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سرحدي علائقي ۾ جماعت الاحرار ۽ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن تي ڪارروايون ڪيون ويون. عطا تارڙ موجب، سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪندي مجموعي طور تي فتنه الخوارج جي 29 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
اطلاعات واري وزير چيو ته 28 جون تي سڪيورٽي فورسز باجوڙ ۾ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ خارجي ڪمانڊر خان فروش عرف زابل 3 دهشتگردن سميت مارجي ويو. هن ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو ڀارتي پراڪسي جماعت الاحرار سان هو.
وفاقي وزير عطا تارڙ موجب، افغان صوبن پڪتيا، پڪتيڪا ۽ ڪنڙ ۾ ڪيل ڪارروائي دوران 25 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي مرڪزن ۾ ذخيرو ٿيل وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود به تباهه ڪيو ويو آهي.
عطا تارڙ چيو ته ‘آپريشن عزم استحڪام’ تحت دهشتگردن ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪستاني سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن. هن عزم جو اظهار ڪيو ته اهي آپريشن تيستائين جاري رهندا، جيستائين پرڏيهي فنڊنگ ۽ حمايت سان پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙن جو مڪمل خاتمو نٿو ٿئي.


