ڪراچي ۾ عورتن همت ڪري ڦر ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، ڦورو ڀڄي ويا

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر 6 مارڪيٽ ويجهو بهادر عورتن مزاحمت ڪري هٿياربند ڦورن جي ڦر جي وڏي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا.
اکين ڏٺن شاهدن موجب 4 هٿياربند مارڪيٽ ۾ واقع هڪ ڪاسميٽڪس جي دڪان ۾ داخل ٿيا، جتي عورتون ۽ ٻار موجود هئا.
ڦورن کي ڏسي عورتن ڊڄڻ بدران سندن مقابلو ڪيو، جنهن تي ڦورو بنا ڪنهن ڦرلٽ جي وائڙا ٿي ويا ۽ ڊپ ۾ فائرنگ ڪندا ڀڄي ويا، خوش قسمتي سان واقعي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
اطلاع ملڻ تي عوامي ڪالوني ٿاڻي جي پوليس فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي جوابدارن جو پيڇو ڪيو.
عوامي ڪالوني جي ايس ايڇ او عدنان بخاري ميڊيا کي ٻڌايو ته بهادر عورتن جي مزاحمت سبب جوابدار دڪاندار ۽ خريدارن کي ڦرڻ کانسواءِ ئي فرار ٿيڻ تي مجبور ٿيا، جن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment