ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي درخشان ٿاڻي جي حد ۾ اڻڄاتل ماڻهن شاهين فورس جي اهلڪار رانا حمزا کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد ٿاڻي جي ڇت تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ون فائيو جي اطلاع تي پوليس خيابانِ مسلم مان نشي جي حالت ۾ جهيڙو ڪندڙ ٻن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو هو، جنهن کانپوءِ اڻڄاتل هٿياربند ماڻهو ٿاڻي ۾ داخل ٿيا ۽ پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪري پنهنجي جوابدارن کي زبردستي آزاد ڪرائي پاڻ سان گڏ وٺي ويا.
پوليس ذريعن موجب واقعي وقت ٿاڻي تي ٻيا اهلڪار به موجود هئا جيڪي بچاءُ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر جوابدار اهلڪار رانا حمزا کي ڇت تان هيٺ اڇلائي فرار ٿي ويا.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪار جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد واقعي جو باقاعدا ڪيس داخل ڪيو ويندو.

ڪراچي ۾ اڻڄاتل ماڻهن جي ٿاڻي تي ڪاهه، اهلڪار کي ڇت تان اڇلائي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

