مٺي: بي زبان ڏاچيءَ جون اکيون ڪڍندڙ 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، 2 گرفتار

1 Min Read

مٺي (رپورٽر) ٿر جي تعلقي ڏاهلي جي ڳوٺ بنگل رند ۾ بي زبان ڏاچيءَ تي بي رحماڻو تشدد ڪري سندس اکيون ڪڍڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پوليس ڪارروائي ڪندي کينسر ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ڪيس ڏاچيءَ جي مالڪ ليليو ميگهواڙ جي فرياد تي حمزو خان، مختيار، روشن، ممتاز، اختر ۽ حنيف خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيم ڳوٺ پهچي زخمي ڏاچي جو طبي معائنو ڪيو.
ڊاڪٽر اجئي ڪمار جو چوڻ آهي ته ڏاچي جون اکيون لوهي اوزارن سان بي رحميءَ سان ڪڍيون ويون آهن، جنهن ڪري سندس نظر جي بحالي هاڻي ناممڪن آهي.
هن افسوسناڪ واقعي خلاف علائقي ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي ۽ عوام پاران جوابدارن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment