ڪشمور (شيرباز کوسو) بخشاپور ڀرسان ٽي معصوم نينگريون ٻڏي فوت ٿي ويون آهن.
سنڌ-بلوچستان سرحدي پٽي جي ڳوٺ نوازالدين جکراڻي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي واهه ۾ ٻڏي ٽي معصوم نينگريون فوت ٿي ويون.
فوت ٿيل نينگرين ۾ 11 ورهين جي حضور بي بي، 12 ورهين جي مکڻي ۽ 13 ورهين جي بگهي شامل آهن.
واقعي کان پوءِ علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت واهه ۾ ڳولا شروع ڪئي، لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد ٽنهي نينگرين جا لاش واهه مان ڪڍيا ويا.
نينگرين جا مڙهه گهرن ۾ پهچائڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي.


