ڪشمور: شاخ ۾ ٻه ڀينرون ٻڏي فوت، لاشن جي ڳولا جاري

1 Min Read

ڪشمور: (ويب ڊيسڪ) گيهل شاخ ۾ ٻه معصوم ڀينرون پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون. خانداني ذريعن موجب فوت ٿيل ڀينرن جي سڃاڻپ نصيبان کوسو ۽ عجيبان کوسو طور ٿي آهي.

خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڀينرن جا پير ترڪڻ سبب هو شاخ ۾ ڪري ٻڏي ويون.

واقعي بعد وارثن ۽ علائقي واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته ٻڏل ڀينرن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment