گمبٽ: ريلوي ٽريڪ تي بم جو اطلاع، ٽرينن کي روڪيو ويو، سرچ آپريشن

1 Min Read

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ڀرسان راڻيپور ۽ سيٺارجا وچ ۾ ريلوي ٽريڪ تي بم جي اطلاع بعد مسافر ٽرينن کي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي روڪيو ويو.

سيڪيورٽي ذريعن موجب اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس، بم ڊسپوزل اسڪواڊ، ريلوي پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن گڏيل سرچ آپريشن شروع ڪيو، جيڪو چار ڪلاڪ جاري رهيو.

سرچ آپريشن دوران ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڪيترين ئي مسافر ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي روڪيو ويو. روڪيل ٽرينن ۾ قراقرم ايڪسپريس، علامه اقبال ايڪسپريس، ملت ايڪسپريس ۽ ڪراچي ايڪسپريس سميت ٻيون ٽرينون شامل هيون.

ڊائون ٽريڪ تي بزنس ايڪسپريس، فريد ايڪسپريس ۽ ملت ايڪسپريس سميت ٻيون ٽرينون به روڪيون ويون.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ، پوليس ۽ ٻين ادارن جي سرچ آپريشن کانپوءِ ريلوي ٽريڪ کي ڪليئر قرار ڏنو ويو.

چار ڪلاڪن کانپوءِ روڪيل سمورين مسافر ٽرينن کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment