گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي جي علائقي دلوند جو سرڪاري اسڪول زبون حالي سبب اوطاق ۾ تبديل ٿي ويو، ڪلاس روم بوهه سان ڀريل ۽ ٻارن جي بينچن تي لوهه رکيل هجڻ جي وڊيو سامهون اچي وئي.
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڊگهي عرصي کان ڪو به استاد ڊيوٽي تي نه آيو، جنهن سبب سوين ٻار تعليم کان محروم آهن.
شهرين صوبائي وزير تعليم کان فوري نوٽيس وٺي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.


