شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لاءِ 6 ماسٽرز ۽ 6 پي ايڇ ڊي پروگرامز جي منظوري

1 Min Read

نوابشاهه: (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد لاءِ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان 6 ماسٽرز ۽ 6 پي ايڇ ڊي پروگرامز جي منظوري ڏني وئي آهي.

منظور ٿيل ماسٽرز پروگرامز ۾ ايم ايس انگلش لنگوئسٽڪس، ايم ايس ڪمپيوٽر سائنس، ايم ايس ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، ايم فل اڪنامڪس، ايم فل سنڌي لئنگئيج اينڊ لٽريچر ۽ ايم ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي شامل آهن.

جڏهن ته پي ايڇ ڊي ۾ جينيٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سنڌي لئنگئيج اينڊ لٽريچر، مينيجمينٽ سائنسز، اڪنامڪس ۽ ڪيمسٽري جا پروگرام شامل آهن.

وائيس چانسلر انجنيئر پروفيسر ڊاڪٽر مدد علي شاهه چيو ته نون پروگرامز سان شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا ۽ يونيورسٽي جو علمي ۽ تحقيقي معيار وڌيڪ بهتر ٿيندو.

Share This Article
Leave a Comment