گمبٽ ويجهو زمين جي تڪرار تان فائرنگ، ڪورائي برادري جا 2 ڄڻا قتل

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر): گمبٽ جي ڪچي واري علائقي ڦلو ٿاڻي جي حد ۾ ڪورائي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن پاران هڪٻئي تي فائرنگ ڪئي وئي. فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا روشن ڪورائي ۽ ڪراڙو ڪورائي موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته محمد صديق ڪورائي سخت زخمي ٿي پيو.

خوني تڪرار کانپوءِ سڄي علائقي ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي. اطلاع ملڻ تي ڦلو پوليس وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمي کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو زميني تڪرار جو نتيجو آهي، جنهن جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment