گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ جي الشفا ڪلينڪ وٽان شهرين بهادري جو مظاهرو ڪندي موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ هڪ ڦوروءَ کي ڊوڙائي پڪڙي ورتو ۽ کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.
تفصيل موجب، الشفا ڪلينڪ جي ٻاهران هڪ چور ماسٽر چاٻي جي مدد سان موٽرسائيڪل ڪاهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته موقعي تي موجود شهرين جي مٿس نظر پئجي وئي. شهرين فوري طور تي چور جي پويان ڊوڙي کيس سوگهو ڪري ورتو.
رهواسين پاران چور جي تلاشي ورتي وئي ته سندس قبضي مان موٽرسائيڪلون کولڻ واري ماسٽر چاٻي پڻ هٿ آئي، جنهن کانپوءِ کيس مقامي پوليس جي حوالي ڪيو ويو.
پوليس جي شروعاتي جاچ دوران گرفتار جوابدار پنهنجي سڃاڻپ سارنگ چانڊيو جي نالي سان ڪرائي آهي، جيڪو لاڙڪاڻي شهر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
ان حوالي سان گمبٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گرفتار چور جي نشاندهي تي گمبٽ ۽ ان جي آس پاس واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل چوري جي وارداتن ۾ ملوث سڄي گينگ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.


