گمبٽ: گمس اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت ، وارثن پاران ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ)  گمس اسپتال جي ميٽرنٽي هوم ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو، وارثن ڊاڪٽرياڻي تي مبينا غفلت جو الزام لڳائيندي ڊائريڪٽر گمس کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

علي حيدر اڄڻ الزام هنيو آهي ته ميٽرنٽي هوم ۾ مقرر ليڊي ڊاڪٽر آپريشن پاڻ ڪرڻ بدران مبينا طور دائين کان آپريشن ڪرائن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه ليڊي ڊاڪٽر ڊيوٽي دوران موبائل فون استعمال ڪرڻ ۾ مصروف رهن ٿيون.

علي حيدر اڄڻ جو چوڻ آهي ته ميٽرنٽي هوم ۾ ٻارن لاءِ مناسب آڪسيجن جي سهولت موجود نه هجڻ سبب به نون ڄاول ٻارڙن جون زندگيون خطري ۾ پئجي وڃن ٿيون.

هن ڊائريڪٽر گمس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي، ميٽرنٽي هوم ۾ گهربل طبي سهولتون ۽ سامان فراهم ڪيو وڃي ۽ مبينا غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment