گمبٽ: (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) ڊرٻ ميهر شاهه گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ جشن آزادي جي حوالي سان شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين نعت، ملي نغمن، ٽيبلوز ۽ تقريرن جا مقابلا پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو.
اسڪول جي سينيئر هيڊماستر غلام اصغر شيخ، فضل حسين، محمد آچر ۽ مشتاق احمد اڄڻ چيو ته اهڙين تقريبن سان نئين نسل ۾ وطن سان محبت ۽ وفاداري جو جذبو مضبوط ٿئي ٿو.
آخر ۾ حسين بخش اڄڻ، شائسته اڄڻ ۽ محمد حنيف اڄڻ پاران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ هزارين رپيا روڪ انعام ورهايا ويا.


