گهوٽڪي: (رپورٽر) 15 ورهين جي شاگرد شهباز ڀٽو تي زمين جي تڪرار تان برادري جي ماڻهن پاران مبينا طور ڪوڙو ڪاروڪاري جو الزام لڳائي غيرقانوني جرڳو ڪرائڻ جو معاملو سامهون آيو آهي.
والد ياسين ڀٽو جو الزام آهي ته بداني جي بااثر وڏيري رئيس عطاالله ڀٽو جي سربراهي ۾ جرڳو ٿيو، جنهن ۾ سندس پٽ تي 16 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. سندس چوڻ آهي ته ڏنڊ ادا ڪرڻ باوجود سندن گهر ۽ زمين تي قبضو برقرار آهي.
ياسين ڀٽو دعويٰ ڪئي ته کيس ۽ سندس پٽ کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. متاثر خاندان سنڌ حڪومت ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان فوري نوٽيس وٺي غيرقانوني جرڳي، مبينا تشدد ۽ زمين توڙي گهر تي قبضي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.


