تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي آهي.
ايراني نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هرمز سامونڊي لنگهه بابت دعويٰ تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي.
ٽرمپ جمعي ڏينهن پنهنجي ٽروٿ سوشل پوسٽ ۾ دنيا جي آمريڪي علائقن جي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هرمز سامونڊي لنگهه کي به آمريڪي علائقي طور ڏيکاريو ويو.
ايراني نائب پرڏيهي وزير ٽرمپ جي دعويٰ تي طنزيه انداز اختيار ڪندي چيو ته اهڙيون ڳالهيون ”وهم ۽ خيالي تصور“ جي علامت آهن. هن نفسياتي بيماري جو حوالو ڏيندي چيو ته اهڙن مريضن کي 24 ڪلاڪ نگراني ۽ علاج جي ضرورت هوندي آهي.
چين جو آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جو مشورو
ٻئي طرف چين، واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين تي زور ڏنو آهي.چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان لن جيان چيو ته ايران بابت تڪرار جو واحد قابلِ عمل رستو ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ڳالهين ذريعي ئي نڪري سگهي ٿو.
چين آمريڪا طرفان ايران تي نئين معاشي پابندين جي به مخالفت ڪندي چيو ته هو هڪ طرفيون ۽ غيرقانوني پابنديون قبول نٿو ڪري.
ايران جو آمريڪي پابندين خلاف سخت موقف
ايراني پرڏيهي وزارت عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل پابندين تي عمل نه ڪيو وڃي.ايران آمريڪي معاشي قدمن کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙين پابندين ۾ شامل ٿيڻ هڪ آزاد ملڪ تي ٻئي ملڪ جي مرضي مڙهڻ ۾ ساٿ ڏيڻ برابر هوندو.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته سفارتڪاري جو رستو ٻيهر کولڻ ناممڪن ناهي، پر ان لاءِ آمريڪا کي اهو سمجهڻو پوندو ته دٻاءُ ڪم نٿو ڪري.
قطر جون سفارتي ڪوششون جاري
ان دوران قطر به ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.قطري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان آل ثاني تهران جو دورو ڪري ايراني صدر مسعود پزشڪيان، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون
.ملاقاتن دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي بحالي لاءِ ماحول پيدا ڪرڻ، هرمز سامونڊي لنگهه ۾ عارضي گڏيل نيويگيشنل ڪوريڊور ۽ سامونڊي بارودي سرنگون صاف ڪرڻ بابت تجويزون پڻ غور هيٺ آيون.
آمريڪي ناڪابندي سان ايراني معيشت تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
آمريڪي خزاني واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جي بندرگاهن جي سامونڊي ناڪابندي سان ملڪ جي ڪمزور معيشت تي وڌيڪ دٻاءُ وڌندو.
هن دعويٰ ڪئي ته آمريڪا گذريل 14 ڏينهن دوران خليج مان 130 ملين بيرل تيل جي منتقلي ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته ايران کان ڪو به تيل نه نڪتو.
ايران جو طاقت جا توازن تبديل ڪرڻ جي دعويٰ
ايراني قائم مقام دفاع واري وزير مجيد ابن الرضا چيو آهي ته ايران خطي ۾ طاقت جا توازن تبديل ڪري ڇڏيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ايران خلاف ”هٽ اينڊ رن“ حملن ۽ ڌمڪين جو دور ختم ٿي چڪو آهي ۽ مخالفن کي ايران سان عزت جي ٻولي ۾ ڳالهائڻ گهرجي.
هرمز سامونڊي لنگهه بابت آمريڪا جي دعويٰ
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته هرمز سامونڊي لنگهه جون عالمي سطح تي تسليم ٿيل شپنگ لينز هاڻي کليل آهن.
آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته سامونڊي بارودي سرنگون صاف ڪرڻ کانپوءِ عالمي واپاري جهازن لاءِ رستا بحال ڪيا ويا آهن.
آمريڪي ڪمانڊر موجب گذريل ڪيترن ئي مهينن دوران لڳ ڀڳ 1500 تجارتي جهازن کي هرمز مان گذرڻ ۾ مدد ڏني وئي، جڏهن ته انهن ذريعي عالمي مارڪيٽن تائين لڳ ڀڳ 750 ملين بيرل خام تيل پهچايو ويو.
ايران جي آمريڪي معاشي مفادن کي نشانو بڻائڻ جي ڌمڪي
ٻئي طرف ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن ايران خلاف سامونڊي ناڪابندي جاري رهي ته آمريڪي معاشي مفادن کي مڪمل شدت سان نشانو بڻايو ويندو.
رضائي دعويٰ ڪئي ته جنگبندي دوران ايران سامونڊي ناڪابندي ٽوڙي 70 کان 80 ملين بيرل تيل برآمد ڪيو.
ايران جو چوڻ آهي ته هرمز سامونڊي لنگهه مڪمل طور تي کولڻ جو دارومدار آمريڪا طرفان اڳوڻن واعدن تي عمل ڪرڻ سان آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ايران، آمريڪا ۽ چين وچ ۾ بيان بازي سان گڏ قطر جون سفارتي ڪوششون به اهم بڻجي ويون آهن، جڏهن ته هرمز سامونڊي لنگهه عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ مرڪزي اهميت رکي


