دادو: ڪاٺ جي واپارين جو پوليس خلاف احتجاج، 400 کان وڌيڪ آرا مشينون بند ٿيڻ جي دعويٰ

1 Min Read

دادو: (اي بي خشڪ) ڪاٺ جي واپارين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته دادو، جوهي، ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ۾ مختلف پوليس چوڪين تي کين مبينا طور تنگ ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب ضلعي جون 400 کان وڌيڪ آرا مشينون بند ٿي ويون ۽ سوين پورهيت بيروزگار ٿي ويا آهن.

واپارين خبردار ڪيو ته صورتحال برقرار رهي ته بيڪري، شادي هال ۽ هوٽل مالڪن سميت گهرن کي ڪاٺ جي ٻارڻ جي فراهمي به متاثر ٿيندي، جنهن جي ذميواري پوليس انتظاميا تي هوندي. هنن ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي کان نوٽيس وٺي ذميوار پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment