گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ڪنب لڳ ڳوٺ محمد لائق ڀنڀرو واسي گلبهار ڀنڀرو کي مبينا زهر ڏئي قتل ڪرڻ خلاف سندس وارثن مردن ۽ عورتن لاش ڪنب ٿاڻي آڏو رکي احتجاج ڪيو.
وارثن الزام هنيو ته گلبهار ڀنڀرو ڏانهن راڄپر برادري جي ماڻهن جا پئسا هئا، جن جي واپسي لاءِ کيس روز ڌمڪيون ڏنيون وينديون هيون. ٽن ڏينهن اڳ سلطان حاجي راڄپر، نذر حاجي راڄپر ۽ ٻين مبينا طور گلبهار کي زبردستي وٺي وڃي زهر ڏنو ۽ راڻيپور ۾ ڦٽو ڪري ويا.
وارثن موجب گلبهار کي علاج لاءِ گمس اسپتال گمبٽ داخل ڪرايو ويو، جتي هو اڄ فوت ٿي ويو.
هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ وسوارن کان نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو.


