لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته عهدي تي رهڻ يا نه رهڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، هو نون صوبن ۽ نون انتظامي يونٽن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽندو. هن چيو ته جيڪڏهن اها عوام جي دل جي آواز آهي ته نوان انتظامي يونٽ ضرور قائم ٿيندا.
لاهور ۾ ”قومي پاليسي ڊائلاگ“ جي تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي انتظامي نظام جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته 79 سالن کان پوءِ به عوام کي اهي نتيجا ناهن ملي سگهيا، جيڪي ملڻ گهرجن ها.
گهرو وزير واضح ڪيو ته ”سسٽم ري سيٽ“ ڪرڻ جو مطلب ڪنهن حڪومت يا سياسي جماعت کي ختم ڪرڻ نه آهي، پر نظام اندر موجود خامين کي درست ڪرڻ آهي. هن چيو ته نظام ۾ تبديلي آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهندي ۽ سياسي اتفاقِ راءِ سان ٿيڻ گهرجي.
محسن نقوي چيو ته تعليم، صحت، صاف پاڻي ۽ صفائي جهڙيون بنيادي سهولتون هر شهري تائين پهچڻ گهرجن ۽ بهتر حڪمراني لاءِ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ ضروري آهي.
هن اسلام آباد کي صوبو بڻائڻ جي به ڀرپور حمايت ڪئي. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ملڪ جو واحد شهر آهي، جنهن کي قومي مالياتي ڪميشن (NFC) ۾ حصو نٿو ملي، جڏهن ته شهر جو نظام سي ڊي اي پنهنجي زمين وڪڻي هلائي رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ نوان صوبا ٺهڻا آهن ته اسلام آباد کي به صوبي جو درجو ملڻ گهرجي.
گهرو وزير چيو ته نون انتظامي يونٽن جي قيام بابت فيصلا ڪنهن هڪ شخص، حڪومت يا سياسي جماعت جي مرضي سان نه ٿيڻ گهرجن، پر عوام جي راءِ کي بنيادي اهميت ملڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪڏهن عوام نوان انتظامي يونٽ چاهي ٿي ته اهي قائم ٿيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن عوام نٿي چاهي ته زبردستي اهڙا يونٽ قائم نه ڪيا وڃن.
محسن نقوي جو چوڻ هو ته هڪ شهر ۾ ويهي لکين ڪروڙين ماڻهن جي سموري نظام کي مؤثر طريقي سان هلائڻ ڏکيو آهي. سندس خيال ۾ مقامي حڪومتون ۽ ميئر عام ماڻهن جي مسئلن کي وڌيڪ ويجهڙائي سان سمجهي سگهن ٿا.
هن نون صوبن جي مخالفت ڪندڙن کي جذباتي نه ٿيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته انتظامي يونٽن جو معاملو فوري طور تي ٿيڻ وارو ناهي، پر جيڪڏهن عوام ان جي حمايت ڪري ٿي ته پوءِ ان راءِ جو احترام ڪرڻ گهرجي.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته نوان انتظامي يونٽ نسل، ٻولي يا برادري جي بنياد تي نه، پر بهتر حڪمراني ۽ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ نوان انتظامي يونٽ ٺهن ٿا ته ان سان سنڌي سڃاڻپ ختم نه ٿيندي، اهڙي طرح ڏکڻ يا اتر پنجاب جي انتظامي ورهاست سان پنجابي سڃاڻپ به ختم نه ٿيندي.
هن چيو ته انتظامي ورهاست جو مقصد حڪومتن جو تعداد وڌائڻ نه، پر حڪمراني جو نظام بهتر بڻائڻ آهي. موجوده انفراسٽرڪچر برقرار رکندي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪري سگهجن ٿا.
گهرو وزير چيو ته نون انتظامي يونٽن جا نقشا يا منصوبا اڳواٽ طئي نه ٿيڻ گهرجن، بلڪه پارليامينٽ، ميڊيا، سياسي جماعتن ۽ عوام کي ان معاملي تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
محسن نقوي پنهنجي موقف کي ورجائيندي چيو ته ”مان هن نوڪري تي رهان يا نه رهان، نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي مطالبي تان پوئتي نه هٽندس.“ سندس چوڻ هو ته آخري فيصلو عوام جي مرضي، آئين ۽ قانون مطابق ٿيڻ گهرجي.


