پنجاب کي پاڙيسري ملڪن کان وڌيڪ ٻين صوبن مان دهشتگردي جو خطرو آهي: مريم نواز

3 Min Read

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز دهشتگردي کي صوبي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب کي پاڙيسري ملڪ کان گهٽ، جڏهن ته ٻين صوبن مان ايندڙ دهشتگردي ۽ سيڪيورٽي خطرن کان وڌيڪ خدشو آهي. هن واضح ڪيو ته پنجاب جي امن امان تي ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

لاهور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس هب جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب جو عوام الله تعاليٰ کان پوءِ حڪومت ڏانهن اميدون رکن ٿا، ان ڪري صوبي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اهم ذميواري آهي.

وڏي وزير چيو ته سيڪيورٽي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب ۾ اربين رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته صوبي جي سرحدي علائقن مان ايندڙ خطرن کي روڪڻ لاءِ گڏيل چيڪ پوسٽن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي.

مريم نواز چيو ته کيس پاڙيسري ملڪن کان گهٽ ۽ پاڙيسري صوبن مان وڌيڪ خطرو محسوس ٿئي ٿو. هن چيو ته ڪچي جو علائقو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏوهارين جي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو، پر فوج ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪچي واري علائقي ۾ صورتحال تي ضابطو آندو ويو آهي.

هن چيو ته پنجاب جي بارڊر ايريا مان ايندڙ سيڪيورٽي خطرن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل چيڪ پوسٽن کي مضبوط ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آرٽيفيشل انٽيليجنس هب سيڪيورٽي ادارن وچ ۾ رابطي ۽ ڪوآرڊينيشن لاءِ اهم مرڪز طور ڪم ڪندو.

وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڏوهن جي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ منظم ڏوهن کي منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ وڏو چئلينج هو. مريم نواز دعويٰ ڪئي ته ماضي ۾ پنجاب ۾ ڏينهن ڏٺي جو پنج پنج قتل ٿي ويندا هئا، جڏهن ته ٻارن سان زيادتي جا واقعا انتهائي ڏکوئيندڙ آهن.

مريم نواز چيو ته موٽرسائيڪل سوارن لاءِ هيلمٽ لازمي قرار ڏيڻ هڪ ڏکيو فيصلو هو، پر هاڻي بنا هيلمٽ موٽرسائيڪل هلائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي.

وڏي وزير پنجاب ۾ ڪرپشن خلاف به سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته جتي به ڪرپشن ٿيندي، اتي بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته بدقسمتي سان ڪرپشن  ايتري وڌي وئي آهي جو جو ڪيترائي ماڻهو ان کي برائي بدران معمول جو حصو سمجهن ٿا. مريم نواز دعويٰ ڪئي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ پنجاب ۾ ڪرپشن گهٽ آهي، پر ان باوجود ڪنهن به قسم جي ڪرپشن کي برداشت نه ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment