ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) گلشن اقبال واسي ذوالفقار تنيو ڀائرن جي مبينا زيادتين ۽ موتمار ڌمڪين خلاف ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي احتجاج ڪيو.
ذوالفقار تنيو صحافين کي ٻڌايو ته هو چار ڀائر آهن ۽ سندن والده حياتي ۾ پنهنجو گهر وڪرو ڪري سمورن ڀائرن کي حصو ڏئي ڇڏيو هو. سندس چوڻ موجب ان کان پوءِ هن محنت مزدوري ڪري 3 مزدا گاڏيون خريد ڪيون، جن مان 2 گاڏيون قسطن تي ورتيون آهن، جڏهن ته هڪ گاڏي ۾ هو ڀائيوار آهي.
هن الزام لڳايو ته سندس ڀائر غلام قادر تنيو، رياض تنيو ۽ شهزاد تنيو انهن گاڏين ۾ حصو گهري رهيا آهن ۽ حصو نه ڏيڻ جي صورت ۾ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
ذوالفقار تنيو جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو شادي شده آهي ۽ کيس ڪا اولاد ناهي، جڏهن ته سندس ڀائر مختلف طريقن سان کيس مبينا طور بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ۽ سندس ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.
هن سنڌ جي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مبينا ڌمڪيون ڏيندڙ ڀائرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کيس ۽ سندس گهرواري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.