ملير(شاهد ڇڄڙو) ڪراچي يونيورسٽي جي پروفيسر تي تشدد جي الزام ۾ گرفتار سيد علي گوهر شاهه جي پٽ ڪونين شاهه کي ملير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
پوليس جوابدار ڪونين شاهه جي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جوڊيشل مجسٽريٽ سول جج ملير نمبر 10 جي عدالت ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو.
عدالت پوليس کي ڪونين شاهه کي ٽن ڏينهن تائين تحويل ۾ رکڻ ۽ جاچ اڳتي وڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.


