بدين: ڪراچي روڊ ڀرسان ٻوري ۾ بند تشدد ٿيل لاش هٿ

1 Min Read

بدين (رپورٽر) ڪراچي روڊ تي شهر ڀرسان ميرواهه موري وٽ راهگيرن کي ٻوري ۾ بند لاش نظر آيو، جنهن مان رت وهي رهيو هو. واٽهڙو ماڻهن پوليس کي اطلاع ڪيو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، جڏهن ته ڪرائم سين جي ٽيم پڻ پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب لاش تي تشدد جا نشان نظر اچن ٿا، جڏهن ته ٻوري مان نڪرندڙ رت پڻ ڏسي سگهجي ٿو.

ون فائيو انچارج اياز انصاري موجب واقعو ڪجهه ڪلاڪ اڳ جو لڳي ٿو، ڇاڪاڻ ته لاش مان نڪرندڙ رت اڃا ڄميل به ناهي. پوليس لاش کي اسپتال منتقل ڪري واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

Share This Article
Leave a Comment