نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پوليس موجب فوتين ۾ هڪ نينگري ۽ عورت سميت 5 ڄڻا شامل آهن. حادثي کانپوءِ ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس موجب ڪار کي ڪٽي فوتين جا لاش ڪڍڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته حادثي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.


