اسلام آباد(ويب نيوز) هرمز لنگهه ذريعي توانائي جي فراهمي بابت وڌندڙ غيريقيني صورتحال کي نظر ۾ رکندي حڪومت آڪٽوبر دوران قطر کان ايل اين جي جا 3 ڪارگو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
حڪومت ايل اين جي کڻندڙ جهازن جي محفوظ گذرگاهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ايراني اختيارين سان رابطو ڪرڻ جي تياري پڻ ڪري رهي آهي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن قطر انرجي پاڪستان کي ايل اين جي فراهمي بابت لاڳو ڪيل فورس ميجر جو مدو وڌائي 4 نومبر تائين ڪري ڇڏي آهي.
اختيارين کي خدشو آهي ته ايل اين جي جي فراهمي ۾ پيدا ٿيل هي تعطل سياري جي موسم دوران به برقرار رهي سگهي ٿو، جنهن سبب توانائي جي فراهمي بابت خدشا وڌي ويا آهن.


